ڀارت جو ڪشميرين جي حقن تي نئون ڌاڙو، ڌارين کي زمين خريدڻ جي اجازت

نئين دهلي: ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ زمينن بابت قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائي ڇڏيون آهن جنهن جي تحت ڀارت جي ڪنهن به رياست جو شهري والاريل علائقي ۾ ايراضي حاصل ڪري سگهندو.
ڀارت جي مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جي گهرو وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نئون قانون يونين ٽريٽري آف ڄمون ۽ ڪشمير ري آرگنائزيشن (ايڊ اپٽيشن آف سينٽرل لاز) ٿرڊ آرڊر 2020 فوري لاڳو ٿيندو.
ان کان اڳ والاريل ڪشمير جا مستقل رهواسي ئي خطي ۾ ايراضي خريدي پئي سگهيا پر هاڻ ان قانون کي به ختم ڪيو ويو آهي.
خيال رهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي حڪمران پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) طرفان آرٽيڪل 730 جي تحت حاصل والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي قانون متعارف ڪرايا ويندا رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔