سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسز جو انگ وڌي 9 هزار642 ٿي ويو

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جو  انگ وڌي 9 هزار642 ٿي ويوآهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 10 ماڻهو ڪورونا جي ڪري حياتيون وڃائي ويٺا .نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازي انکن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 736 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي ڪيسز جو انگ 3 لک 25 هزار 480 ٿي ويو آهي .

اين سي او سي موجب فعال ڪيسز جو انگ 9 هزار 642 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 9 هزار 136 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ،گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 10 ماڻهو جانيون وڃائي ويٺا جنهن کانپوءِ مجموعي فوتگين جو انگ 6 هزار 702 ٿي ويو .

سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 42 هزار 641، پنجاب ۾ هڪ لک ٻه هزار 107، خيبرپختونخواهه ۾ 38 هزار 810، اسلام آباد ۾ 18 هزار 438، بلوچستان ۾ 15 هزار 738، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 639، ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 107 انگ ٿي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔