آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.

آرمي ايڪٽ جي تحت آرمي چيف پنهنجي آفيسرن کان پڇاڳاڇا ڪري سگهي ٿو. سموري معاملي جي ذميواري وزيراعظم تي هوندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وفاق صوبي تي حملو ڪيو آهي، آءِ جي سموري واقعي جي  ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان لاچار آهي. آءِ جي جي گهر جو گهيراءُ ڪندڙ  ٻئي ادارا وفاق جا ماتحت آهن. هن ٻنهي ادارن کي وزيراعظم هدايتون ڏنيون آهن. وفاقي ادارن کي ڪنهن هدايتون ڏنيون آهن.

وفاقي ادارا وزيراعظم جا ماتحت آهن. وزيراعظم کان علاوه وفاقي ادارن کي ڪوبه هدايتون نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم کي جواب ڏيڻو پوندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيراعظم قانون جي پامالي تي لڳي وڃي ته ملڪ جو ڇا ٿيندو. هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي ويزه  رکڻ تي ڪڍيو ويو. اسان کي اميد هئي ته سينيٽ هن معاملي کي اٿاريندي،  مذڪوره معاملي تي سينيٽ ڪميٽي بنجڻ گهرجي.

مريم نواز، آءِ جي سنڌ ۽ عوام کي انصاف ڪٿي ملندو، ملڪ ۾ آئين جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته وزيراعظم ڪلبهوشن کي سپر اين آر او ڏنو آهي. ڀارتي جاسوس لاءِ سپر اين آر او ڪهڙي پاليسي تحت ڏنو ويو، وزيراعظم کي ڪشمير ۽ مهانگائي سان ڪابه دلچسپي ناهي. عمران احمد نيازي اقتدار بچائڻ لاءِ هر سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته عمران نيازي انتقام جو ايجنڊا رکي ٿو. پاڪستان جي طاقت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان کي اسان مٿان مڙهيو ويو آهي. ملڪ جو سڀني کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، عمران احمد نيازي اڄ معيشت کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔