ڪراچي: مسڪن چورنگي وٽ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس داخل

ڪراچي: گلشن اقبال مسڪن چورنگي ويجهو ڌماڪي سبب تباهه ٿيل عمارت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ گلشن اقبال ويجهو مسڪن چورنگي وٽ ٿيندڙ ڌماڪي سبب عمارت جي تباهه ٿيندڙ جو ڪيس خانگي بينڪ جي آپريشن مئنيجر محمد عارف جي مدعيت ۾ گلشن اقبال ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل ۽ بنا ڪنهن سبب جي نقصان پهچائڻ جا قلم داخل ڪيا ويا آهن.

مدعي موجب مان ۽ بينڪ جو عملو موجود هو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ بينڪ جي ڇت ڪري پئي مان جيئن تيئن ڪري ٻاهر نڪتس ته ڏٺم زخمي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو. ڌماڪي کان پوءِ 3 عدد ڪيش سيف ۽ سمورا لاڪر موجود هئا.

ڪيس موجب ڌماڪو سوئي گيس ليڪيج سبب ٿيو جنهن سبب بلڊنگ ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو. واقعي ۾ ملوث ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن گلشن اقبال ۾ واقع هڪ رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔