اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي : اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾رجسٽرڊ ووٽرز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي 29ضلعن ۾ 2 ڪروڙ 43 لک 51 هزار ووٽرز رجسٽرڊ آهن، مجموعي ووٽرز ۾ عورتون 45 سيڪڙو ۽ مرد 55 سيڪڙو رجسٽرڊ آهن، ڪراچي ۾ 84 لک کان وڌيڪ ووٽر رجسٽر ٿيل آهن، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر رجسٽرڊ ٿيل، انگ 19 لک 66 هزار 945 آهي، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ 8 لک 97 هزار 722 ووٽرز عورتون آهن، انگن اکرن موجب سنڌ ۾ سڀني کان گهٽ ووٽرز ٽنڊو محمد خان ۾ رجسٽر ٿيل آهن،انگ 3 لک 19 هزار 533 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔