مراد علي شاهه ٻڌائي ته ڪهڙي وزير کيس فون ڪري حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، شهزاد اڪبر

ڪراچي : مراد علي شاهه اسيمبلي جي فلور تي ڪوڙ ڳالهايو، ٻڌائي ته ڪهڙي وزير کيس فون ڪري حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر جا وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر مٿان ڪراچي واقعي ۾ سازش ڪرڻ جا الزام، شهزاد اڪبر چيو آهي ته سنڌ پوليس جي ترجمان طرفان رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري وارو ٽوئيٽ جاري ڪيو ويو، ڇا اُهو ٽوئيٽ به آءِ جي سنڌ جي يرغمال هجڻ دوران جاري ڪيو ويو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ پوليس جي سربراهه جي ڪهڙي تذليل ٿي آهي، جيڪا ٻن هفتن کانپوءِ ٺيڪ ٿي ويندي، هڪ پروپگئنڊا تحت راند کيڏي وئي ۽ آرمي چيف کان جاچ جو مطالبو ڪيو ويو، ڪراچي واقعي جون 2 ڌار ڌار انڪوائريز ٿي رهيون آهن، حقيقتون سامهون اچي وينديون، وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي ڊرامو ڪيو وڃي ٿو ته وزيراعظم طرفان وڏي وزير سان رابطو نه ڪرڻ تي بلاول ڀٽو آرمي چيف کان جاچ جو مطالبو ڪيو، اپوزيشن وارا ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير به اسيمبلي فلور تي ڪوڙ ڳالهايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔