سعودي عرب جي ٻي عورت سفير مقرر

رياض: سعودي حڪومت آمال يحيٰ المعلمي نالي عورت کي ناروي ۾ پنهنجي سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ريت هوءَ سعودي عرب جي تاريخ ۾ سفير جي عهدي تي مقررٿيڻ واري ٻي عورت ٿي وئي آهي .

ان کان اڳ ۾ شهزادي ريما ڌيءَ بِندر کي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته هوءَ پنهنجا فرض هن وقت تائين نڀائي رهي آهي .

عالمي خابرو اداري موجب آمال يحيٰ المعلمي ان کان اڳ تعليمي ۽ پيشيواراڻا سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪري چڪي آهي جڏهن ته هوءَ  گذريل سال کان سعودي انساني حقن جي اداري ۾ عالمي سهڪار ۽ تنظيمن جي ڊائريڪٽر جنرل جو سنڀاليون ويٺي آهي .

هوءَ گڏيل قومن ۾ سعودي سفير عبدالله يحيٰ المعلمي جي ڀيڻ ۽ ناليواري سعودي اديب يحيٰ المعلمي جي ڌيءَ آهي .

واضح رهي ته ماضي قريب تائين سعودي سفارتڪاري جو ميدان مردن جي لاءِ ئي مخصوص هو پر شهزادي ريما ڌيءَ بِندر جي آمريڪا جي سفير طور مقرري کانپوءِ سفارتڪاري ۾ به عورتن کي اڳتي آندو پيو وڃي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔