اسلام آباد جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪورونا جا 8 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ 8 ڪورونا ڪيس سامهون اچي ويا آهن.  ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ انتظاميه هڪ هفتي جي لاءِ ڪاليج کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪاليج انتظاميه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاليج ۾ پهرين نومبر کان تدريسي عمل معطل رهندو. شاگردن کي گهر ۾ رهي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي هڪ ۽ تعليمي اداري ۾ ڪورونا جا 2 ڪيس سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب اسلام اباد  جي ماڊل ڪاليج فار گرلز آئي نائن ون ۾ 2 ڪرونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر  تعليمي اداري کي سيل ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته گذريل هفتي وفاقي گادي واري شهر جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي. تعليمي ادارن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کان پوءِ ڊي ايڇ او تعليمي ادارن کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ به ڪورونا جا ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڊپارٽمينٽن کي به سيل ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو.

رپورٽ موجب اسلام آباد ماڊل اسڪول جي سڪس ون ۽ ٿري ۾ 2 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. جڏهن ته جي اليون فور جي خانگي اسڪول ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. اسلام آباد ۾ ايڇ ايٽ ون ۽ فور ۾ خانگي ڪاليج ۾ 2-2 ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿي هئي جڏهن ته آءِ نائن ون جي خانگي اسڪول ۾ ڪورونا جا 15 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔