افغان طالبان پاران آمريڪي فوج تي امن معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام

ڪابل: طالبان چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج امن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. ان حوالي سان طالبان جي ترجمان قاري يوسف احمدي بيان ۾ چيو آهي ته صوبي هلمند ۾ بمباري ڪري آمريڪي فضائيه دوحه معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي هٿين خالي شهرين کي نشانو بنائي رهي آهي.ترجمان خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا کي اشتعال انگيز ڪارروائين ۽ بمباري جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا. طالبان تازو ئي هلمند ۾ حملو ڪندي اڳڀرائي شروع ڪئي آهي جنهن کي روڪڻ جي لاءِ آمريڪا ان جي پوزيشنن کي هوائي حملي ۾ نشانو بنايو آهي.ڪابل ۾ آمريڪي فوجي ترجمان طالبان جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته فضائي حملن ۾ طالبان سان گڏ معاهدي ۽ آمريڪا افغان گڏيل اعلاميي جي ڪابه ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي اها ڪارروائي افغان فوج جي آفيس جي لاءِ ڪئي وئي جنهن تي طالبان حملو ڪيو هو. امن عمل جي لاءِ سمورين ڌرين کي تشدد کان پاسو ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف افغانستان ۾ امن لاءِ مقرر آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد بيان ۾ چيو آهي ته ڳالهيون امن لاءِ تاريخي موقعو آهي جنهن کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي.افغان صوبي هلمند ۾ پرتشدد واقعن تي دوحه ۾ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ ڌرين تشدد ۾ گهٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي. زلمي خليل زاد زور ڏنو ته آمريڪا طالبان معاهدي ۽ آمريڪا افغان گڏيل اعلاميي تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔