گڏيل عرب امارتن جي پهرين اڏام اسرائيل پهچي وئي

تل ابيب : گڏيل عرب امارتن جي ڪنهن به ايئر لائن جي پهرين اڏام اسرائيل پهچي وئي.
اتحاد ايئر ويز جي اڏام 9607 سومر جي صبح ابوظهبي کان تل ابيب پهتي، ان اڏام ۾ سياحت سان سلهاڙيل اسرائيلي اختياريون سوار هيون.
ان کان اڳ اتحاد جي هڪ خاص ڪارگو اڏام فلسطينين لاءِ سامان کڻي وئي هئي
مستقبل ۾ اتحاد ايئر ويز ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسافر اڏامن جي سروس شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
واضح رهي ته اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارتن آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جو اعلان آگسٽ ۾ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔