ٽڪ ٽاڪرز جي پريشاني ختم، پاڪستان ۾ ايپ بحال

اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته چيني موبائل ايپ ٽڪ ٽاڪ کي پاڪستان ۾ بحال ڪيو ويو آهي.
پي ٽي اي جي بيان موجب ٽڪ ٽاڪ مئنيجمينٽ خاطري ڪرائي آهي ته غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙ اڪائونٽن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ اڪائونٽن جي مقامي قانونن موجب نگراني به ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ بحال ڪرڻ جو فيصلو پي ٽي اي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
ذريعن موجب ٽڪ ٽاڪ انتظاميا غير اخلاقي ۽ غير مناسب مواد جي روڪٿام جو ميڪينزم ٺاهڻ تي راضي آهي ۽ خاطري ڪرائي آهي ته غير اخلاقي مواد جي مسلسل نگراني ۽ اهڙا اڪائونٽ معطل ڪرڻ جو مقامي نظام بڻايو ويو آهي.
واضح رهي ته پي ٽي اي 9 آڪٽوبر تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔