هڪ سال دوران پاڪستان جي ٻاهرين قرضن ۾ 7 ارب ڊالرن جي واڌ

ڪراچي: هڪ سال دوران پاڪستان جي ٻاهرين قرضن ۾ 7 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 30 جون 2019 تي ٻاهرين قرضن جو ڪاٿو 106 ارب ڊالر هو، جيڪو 30 جون 2020 تائين 113 ارب ڊالر ٿي ويو، جنهن سان هڪ سال دوران ٻاهرين قرضن ۾ 7 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي.
مرڪزي بئنڪ چيو آهي ته سيپٽمبر 2018 ۾ ٻاهريان قرض 96 ارب ڊالر هئا ۽ موجوده حڪومت 17 ارب ڊالرن جو نئون پرڏيهي قرض ورتو.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 7 ڪروڙ ڊالر، ڪمرشل بئنڪن کان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر ۽ مختلف ملڪن کان 3 ارب 10 ڪروڙ ڊالر قرض ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔