پي آءِ اي جو عيد ميلاد النبي صه تي خاص پيڪيج جو اعلان

پي آءِ اي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي مناسبت سان حج جي مقدس سفر تي 12 سيڪڙو خاص رعايت ڏني آهي.
پي آءِ اي جي ترجمان موجب قومي ايئر لائن پي آءِ اي عيد ميلاد النبي صه تي خاص پيڪيج متعارف ڪرايو آهي ۽ جشن ولادت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم تي حج جي مقدس سفر تي صارفن کي 12 سيڪڙو خاص رعايت ڏني وئي آهي.
ترجمان موجب پهرين کان 12 ربيع الاول جي دوران جده ۽ مديني منوره تي 12 سيڪڙو رعايت هوندي، خاص رعايت سان گڏ 12 ڪلو واڌو سامان کڻي وڃڻ جي سهولت به مهيا ڪئي ويندي، پيڪيج جده ۽ مديني وڃڻ ۽ اچڻ ٻنهي سفر تي ڪارمد هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔