تهران:ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ پاڪستان ۽ قطر جون ڪوششون جاري آهن، انهن کانسواءِ ٻيو ڪو به ثالث ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ 60 ڏينهن جي مهلت پابندين جي خاتمي ۽ ايٽمي معاملي تي ڳالهين لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي، پر آمريڪا طرفان مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي سبب ڳالهين جي شروعات ئي نه ٿي سگهي. ٻئي طرف ايراني پاسدارانِ انقلاب هرمز لنگهه کولڻ کي آمريڪا سان ٿيل مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران وقار ۽ طاقت سان آمريڪا سان امن بابت مفاهمتي يادداشت تائين پهتو هو ۽ مفاهمتي يادداشت طئي ڪرڻ وقت علي خامنه اي پاران مقرر ڪيل اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو.
خام تيل جي قيمت 90 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي
وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو جاري آهي ۽ برينٽ خام تيل جي قيمت اڄ 1.90 ڊالر وڌي 90.42 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي. ٻئي طرف ڊبليو ٽي آءِ (WTI) خام تيل جي قيمت به 1.57 ڊالر وڌڻ کانپوءِ 83.97 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي.
ايران معاهدو چاهي ٿو پر جيڪو مان چاهيان ٿو اهو نٿو ڪري، ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو اهڙو معاهدو نه ڪندو، جنهن کي مان ضروري سمجهان ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ”اسان جو اتي موجود هجڻ جو رڳو هڪ مقصد آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجن ۽ نه ئي هوندا.“ آمريڪي صدر چيو ته هن وقت بي-2 بمبار جهازن سان آمريڪا جيڪا ڪارروائي ڪئي هئي، ان کانپوءِ جيڪڏهن ايران اهڙو ڪو هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ته ان ۾ گهڻو وقت لڳندو، پر ايران وٽ ايٽمي هٿيار نٿا ٿي سگهن. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان ٿيل مفاهمتي يادداشت ۾ واڌ ڪرڻ نٿو چاهي.
ايران پاران جنگ ۾ ٿيل نقصان جا تفصيل جاري
ايران جي مواصلات واري وزير فرازانه صادق چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ ايران جا 100 جهاز تباهه ٿيا، جڏهن ته مواصلاتي ڍانچي کي ٿيل نقصان کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني وزير چيو ته دشمن نه رڳو هوائي اڏن کي نشانو بڻايو، پر بجلي ۽ پاڻي جي تنصيبات کي به نقصان پهچايو. هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان 100 جهاز تباهه ڪرڻ باوجود ايران 8 جهازن جي مدد سان حج جون اڏامون ڪاميابي سان جاري رکيون، جڏهن ته جنگ دوران به ريل، روڊن ۽ بندرگاهن ذريعي آمدرفت جو سلسلو جاري رهيو. ايران جي مواصلات واري وزير فرازانه صادق وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران جي 25 صوبن ۾ 400 شهرن تي بمباري ڪئي، جنهن سبب هڪ لک ڪمرشل ۽ رهائشي يونٽ متاثر ٿيا.
تبصرے بند ہیں۔