عاليه بهٽ ۽ رنبير ڪپور جي شادي هڪ دفعو ٻيهر ملتوي

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره عاليه بهٽ ۽ اداڪار رنبير ڪپور جي شادي هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ٿي وئي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب عاليه ۽ رنبير شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ دير کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته جوڙي جي ڪم ۾ مصروفيت کي ڏسندي ۽ هلندڙ سال کان ئي رشي ڪپور جي ديهانت کان پوءِ ويجهڙائي ۾ ٻنهي جي شادي جلد ممڪن نه پئي لڳي.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال شادي نٿي ٿي سگهي. شادي جي تقريب رنبير جي پيءُ رشي ڪپور جي اپريل ۾ ديهانت ٿيڻ سبب دير جو شڪار ٿي رهي آهي ڇو ته سوڳ جي ڪيفيت ۾ خوشيون ملهائڻ سٺو سنئوڻ نٿو سمجهيو وڃي.ممڪن آهي ته ٻئي ايندڙ سال جي وچ تائين شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔