والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي :قومي سلامتي جو صلاحڪارمعيد يوسف

لاهور: وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪري رهيوآهي ، اسان کي خبر آهي ته ان ڪشمير ۾ڪهڙيون حالتون آهن .

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت جي وڌندڙ جارحاڻي سوچ سان خطي جي امن کي خطرا لاحق آهن ۽ ان جي منفي سوچ سان ان جي مڙني پاڙيسرين کي خطرو آهي ،ڀارت خطي ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي .

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀارت جي دهشتگردي کان دنيا کي آگاهه ڪري رهيا آهيون ، پاڪستان ۾ ڀارت جي دهشتگردي جا ثبوت هڪ هڪ ڪري وڃايا آهن ، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشخالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ عالمي امن لاءِ پاڪستان جون قربانيون ڪنهن کان به لڪل ناهن .

قومي سلامتي جي صلاحڪارجو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت انسانن سان جانورن جهڙوسلوڪ ڪري رهيو آهي ، اسان کي خبر آهي ته ان ڪشمير ۾ حالتون ڪهڙيون آهن ، اسان چاهيون ٿا ته ڪشمير جو مسئلو عوام جي خواهشن موجب هلڻ گهرجي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔