اسلام آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاجي ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري

اسلام آباد: ڊي چوڪ تي ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاجي ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي سڄي ملڪ مان آيل ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاجي ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي.

ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ وقفي وقفي سان(جينا هوگا مرنا هوگا، دهرنا هوگا دهرنا هوگا) ۽ شرم ڪرو، ڊوب مرو جا نعرا هڻي رهيون آهن. ڌرڻي واري جڳهه کي چوڌاري ڪنٽينرز ۽ ڪنڊيدار تارون لڳائي بلاڪ ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري به اتي موجود آهي.

ليڊي هيلٿ ورڪرن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪافي وقت کان نه ته اسان جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري اسان جو سروس اسٽرڪچر بنايو پيو وڃي. ليڊي هيلٿ ورڪر پنجين اسڪيل ۾ ڀرتي ٿينديون آهن ۽ سڄي زندگي ان اسڪيل ۾ گذاري رٽائرڊ ٿي وينديون آهن.

جڏهن ته رٽائرمينٽ جي عمر تي پهچڻ تائين به ان جي پگهار 16 هزار روپين کان مٿي نٿي وڌي. 10 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي ڪهڙي به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو. حڪومت ڳالهين ۾ غير سنجيده نظر اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔