رانا ثناءُالله ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي ضمانتن ۾ 20 آڪٽوبر تائين واڌ

لاهور: دهشتگردي جي انت واري عدالت نيب آفيس ۾ جهيڙي واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله ۽ ڪيپٽن صفدر سميت ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانتن ۾ 20 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد حسين ڀٽو مريم نواز جي پيشي تي ٿيندڙ جهيڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن جي وڪيل فرهاد علي شاهه چيو ته ڪيس ۾ اهڙا به اڳواڻ شامل آهن جيڪي هن وقت اتي موجود ئي نه هئا.

پوليس کي به شاهديون پيش ڪري چڪا آهيون. حڪومت جي چوڻ تي 23 ڏينهن کان پوءِ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

سي سي پي او لاهور جي مقرري جي فورن بعد اهي قلم شامل ڪيا ويا آهن جنهن مان بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔