گجرانواله جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي: شبلي فراز/فواد چوڌري

اسلام آباد؛ گجرانواله جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير جي توقع نه هئي، اسلام آباد ۾ وفاقي وزير شبلي فراز ۽ فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گجرانواله جلسي ۾ دشمن جي زبان استعمال ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کان اهڙي تقرير جي توقع نه هئي، اوهان دشمن جي زبان استعمال ڪري رهيا آهيو، اپوزيشن جلسي ۾ڀارتي ايجنڊا تحت زبان استعمال ڪئي، اپوزيشن کي ناڪام جلسي مان سبق سکڻ گهرجي، گجرانواله جي عوام ڪالهه اپوزيشن کي رد ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان خالي ڪرسين کي خطاب ڪيو، پاڪستان جي ادارن تي تنقيد ڀارتي ايجنڊا آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ دشمن جي ايجنڊا آهي، مان نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ جي خلاف هئس، نواز شريف کي لنڊن مان وطن واپس آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔