نواز شريف جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي:شيخ رشيد

لاهور : ريلوي واري وفاقي وزير شيد رشيد جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي، نواز شريف لنڊن مان اوهان جو سياسي جنازو ايندو، نواز ليگ ملڪ دشمن پارٽي آهي، پابندي لڳائي وڃي، نوازشريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، نواز شريف اشتهاري ڏوهاري آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿو، هن ملڪ جي جمهوريت فوج جي ڪري آهي، ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ته طوفان اچي ويو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته شهزاد اڪبر به چيو ته ها ملاقات ٿي، نواز شريف عالمي ايجنڊا تحت راند کيڏي رهيو آهي، هيلٿ ڪارڊ جي خوشخبري ڏئي رهيا آهيون، پي ڊي ايم جلسي تي لکين رپيا خرچ ڪيا ويا، نواز شريف جو حشر متحده باني جهڙو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔