پي آءِ اي جو اڳوڻو ايم ڊي اعجاز هارون ۽ ايڇ آر جو اڳوڻو ڊائريڪٽر حنيف پٺاڻ به گرفتار

ڪراچي : پي آءِ اي جو اڳوڻو ايم ڊي اعجاز هارون گرفتار ٿي ويو، ايڇ آر جو اڳوڻو ڊائريڪٽر حنيف پٺاڻ به گرفتار ٿي ويو، وفاقي اداري طرفان ڪراچي مان گرفتاريون ڪيون ويون، ذريعن موجب اعجاز هارون ۽ حنيف پٺاڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ٻنهي ڄڻن تي مالي بي قاعدگين ۽ بوگس ڀرتين جو الزام آهي، گرفتاريون ڊگهي جاچ بعد عمل ۾ آيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔