ڪراچي : لانڍي جي پروسيسنگ زون ۾ باهه، ٻه فيڪٽريون سڙي ويون

ڪراچي: لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ باهه لکڻ ڪري ٻه فيڪٽريون سڙي رک ٿي ويون.

ڪراچي جي علائقي لانڍي جي پروسيسنگ زون ۾ لنڊا جي فيڪٽرين کي باهه لڳي وئي جنهن ٿوري دير ۾ شدت اختيار ڪري ورتي ۽ ٻين فيڪٽرين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

باهه جي شدت سبب فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي ۽ ٻي فيڪٽري به باهه لڳڻ کانپوءِ رک جو ڍيربڻجي وئي.

فائربريگيڊ جي عملدارن باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو، هن وقت فائربريگيڊ جون 6 گاڏيون باهه کي وسائڻ ۾ مصروف آهن، باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏکيائيون به سامهون اچي رهيون آهن. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔