مهانگائي تي جلدي ضابطو آڻي وٺنداسين: خزاني جو مشير

لاهور: وزيراعظم جي خزاني بابت مشير عبداالحفيظ شيخ گورنر هائوس ۾ بزنس ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت تباهي ڪناري آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي حڪومت جي ڪامياب پاليسين جو نتيجو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ مجبوري جي ڪري ويا هئاسين ۽ مشڪل معاشي حالتن مان نڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان حڪومت ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.

حفيظ شيخ وڌيڪ چيو ته بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، مشڪل حالتن مان نڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻينداسين.   

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔