انتظاميا رنڊڪون پئي وجهي، قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيالا رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيندا: قمرالزمان ڪائره

لاهور :انتظاميا رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيالا سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيندا، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اڃا ته تحريڪ جي شروعات آهي، حڪمران هاڻي کان هوش وڃائي ويٺا آهن، عوامي طاقت سان غريب دشمن حڪومت کي گهرو ڀيڙو ڪرڻ بعد ئي ساهه پٽينداسين، انتظاميا جيالن کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪري، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزُدار چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن وٽ ڪابه ايجنڊا نه آهي، جلسن جي بهاني ڪرپشن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي، عوام ڏڦيڙ جي سياست کي پهرين به رد ڪري چڪو آهي، هاڻي به ساٿ نه ڏيندو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔