اپوزيشن پارٽيز جي اتحاد پي ڊي ايم جو حڪومت خلاف اڄ پهريون پاور شو

گجرانوالا : اپوزيشن پارٽيز جي اتحاد پي ڊي ايم جو حڪومت خلاف اڄ پهريون پاور شوٿي رهيو آهي ، گجرانوالا جي جناح اسٽيڊيم ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون ، اسٽيج به تيار ٿي ويو، جلسي کان اڳ ئي وڏي تعداد ۾ ڪارڪن اسٽيڊيم پهتل، مريم نواز رائيونڊ ۽ بلاول ڀٽو لالا موسيٰ کان اسٽيڊيم پهچندا، مولانا فضل الرحمان طرفان قافلي جي صورت ۾ جلسي گاهه پهچڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گجرانوالا جي ضلعي انتظاميا اسٽيڊيم ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪري ڇڏيا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته رستن کي سيڪيورٽي پلان تحت بند ڪيو ويو آهي، گاڏين کي اسٽيڊيم وڃڻ جي اجازت نه هوندي، گجرنوالا جلسي ۾ شرڪت لاءِ قافلن جي روانگي کان اڳ جاتي امراء جي در تي ٻڪرن جو صدقو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔