اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد:نيب جي چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن .

ذريعن موجب نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن .

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري نيب کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جاچ لاءِ گهربل آهي.

واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ، مني لانڊرنگ ڪيس ،ٺٽو واٽر سپلاءِ ڪيس ۽ پارڪ لين ڪيس جو ضمني ريفرنس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي پر عدالت سندس استدعا کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان سواءِ هن احتساب عدالت کان ميگا مني لانڊرنگ ڪيس خارج ڪري ان ۾ بريت جي به استدعا ڪئي آهي .

مني لانڊرنگ ڪيس 2015 ۾ پهريون ڀيرو اسٽيٽ بينڪ پاران ان وقت کنيو ويو جڏهن مرڪزي بينڪ پاران وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي ) کي مشڪوڪ ترسيلات جي رپورٽ يعني ايس ٽي آرز موڪليون ويون.

ايف آءِ اي هڪ اڪائونٽ مان مشڪوڪ منتقلي جو ڪيس داخل ڪيو جنهن کانپوءِ ڪيترائي جعلي اڪائونٽس سامهون آيا جن مان مشڪوڪ منتقليون ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔