ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته اسان کي سخت قدم کڻڻا پوندا: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته اسان کي پابندين جا قدم کڻڻا پوندا.

رپورٽ موجب وفاقي وزير اسد عمر  ڪورونا بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مظفر آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي پازيٽو ڪيسن جي شرح وڌيڪ آهي جڏهن ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به ڪورونا  جي پازيٽو ڪيسن جي شرح وڌي رهي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته اسان کي پابندين لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا. جنهن سبب ماڻهن جي زندگين تي منفي اثر پوندا. اسد عمر چيو ته گذريل ڏينهن قومي سطح تي ڪورونا جي  پازيٽو ڪيس 2.37 سيڪڙو رهيا ۽ ڪورونا پازيٽو ڪيسن جا انگ اکر گذريل 50 ڏينهن ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن.

هن چيو ته آخري ڀيرو ڪورونا پازيٽو ڪيسن جو اهو رجحان 23 آگسٽ تي ڏٺو ويو هو جڏهن ته هلندڙ هفتي جي  شروعات وارن 4 ڏينهن دوران ڪورونا سبب روزاني 11 فوتگيون ٿي رهيون آهن ۽ فوتگين جي اها شرح 10 آگسٽ کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آهي.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 755 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 3 لک 21 هزار 218 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔