وفاقي سرڪار ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽَي جَي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد : وفاقي سرڪار ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽَي جَي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جو اعتراف ڪري ورتو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته طلب ۽ رسد ۾ واڌ جو فائدو اِستحصالي طبقو وٺي ٿو، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا ته ضرور کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت کي احساس آهي ته عوام تڪليف برداشت ڪئي آهي، کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون نه وڌڻ گهرجن ها، قيمتن جي واڌ کان حڪومت غافل ناهي. شاهه محمود قريشي چيو ته وفاقي حڪومت قيمتن جي استحڪام ۾ سنجيده آهي، حڪومت کي مالي ۽ انتظامي حوالي سان جيڪي قدم کڻڻا پيا اها کڻندي ته جيئن قيمتن ۾ استحڪام اچي سگهي، پرڏيهي وزير چيو ته جائز منافعو ڪمائڻ غلط ناهي، پر ناجائز منافعي سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، هاڻي ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ پيدا نه ٿيندي. پيداوار ۽ صنعت وارَي وزير حماد اظهر چيو ته وڌيڪ ڏيڍ لک ٽن کنڊ اِمپورٽ ڪري مارڪيٽ ۾ رليز ڪري رهيا آهيون، جنهن سان کنڊ جَي اگهن ۾ 15 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪمنڊ جو في مڻ اگهه 200 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، دير سان شگر ملز هلائيندڙن تي هر روز 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔