افغان آرمي جا ٻه جنگي جهاز اڏام دوران پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه، نو اهلڪار اجل جو شڪار

ڪابل: افغانستان ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ 2 هيلي ڪاپٽر هڪ ٻئي سان ٽڪرا.جي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا.فوت ٿي ويلن ۾ افغان فوج جو زخمي اهلڪار ۽ هليڪاپٽر جو عملو به شامل آهي فوت ٿي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. هلمند جي گورنر جي ترجمان عمر زواڪ ٻڌايو آهي ته هي هيليڪاپٽر هلمند جي ضلعي ناوا ۾ طالبان ويڙهاڪن جي خلاف هڪ فوجي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ڪمانڊوز جي ٽيم کي ڏکين علائقن ۾ ڇڏڻ ۽ واپس آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿي رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔