چوهتر ساله بيمار شخص کي سندس ڀاءُ فريزر ۾ وجهي ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ انوکو واقعو ڏسڻ لاءِ مليو جتي هڪ 74 ساله سخت بيمار شخص کي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ سندس گهر وارا هن جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ ان جي ڪري سندس ڀاءُ پنهنجي بيمار ڀاءُ کي سڄي رات هڪ اهڙي فريزر ۾ وجهي ڇڏيو جنهن ۾ مئلن کي رکيو ويندو آهي.ڀارتي اختيارين موجب اسان کي جيئن ئي اهڙي خبر ملي ته اسان ان بيمار شخص کي فورن ان فريزر مان ڪڍيو جنهن ۾ سندس ڀاءُ کيس رکيو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بالا سپرامانيه ڪمار کي تازو ئي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو هو. ۽ ان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي. جڏهن ان جو ڀاءُ ان جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ان جي ڪري ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي فريزر ۾ وجهي ڇڏيو هو. 74 ساله شخص جي گهر وارن هڪ ايجنسي جي ذريعي لاشون رکندڙ فريزر حاصل ڪيو هو ۽ جڏهن کيس اها خبر پئي ته هن فريزر ۾ هڪ زنده انسان کي سچي رات رکيو ويو آهي ته هي فورن اتي پهتا. بالاسبرامانيه ڪمار جي گهر وارن جو چوڻ هو ته ان جي روح اڃان تائين جسم مان نه نڪتي هئي ۽ اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته ڪڏهن هنن جي روح نڪرندي. جنهن کان پوءِ پوليس هن معاملي جو فورن نوٽيس وٺندي ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔