اسرائيلي وزيراعظم ۽ عرب امارات جي ولي عهد وچ ۾ اهم ملاقات جو امڪان

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ متحده عرب امارات جي ولي عهد محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفون ڳالهه ٻولهه ۾ بنهي اڳواڻن وچ ۾ جلد باضابطه ملاقات تي اتفاق ڪري ورتو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته متحده عرب امارات جي ولي عهد محمد بن زايد بن النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ باضابطه ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نيتن ياهو وڌيڪ ٻڌايو ته ولي عهد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ سياحت، توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ سرمائيڪاري بابت معاملا طئي ڪيا ويا آهن.متحده عرب امارات جي ولي عهد محمد بن زايد پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ مضبوطي ۽ خطي ۾ امن استحڪام ۽ گڏيل تعاون جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔