ٽڪ ٽاڪ تي پابنديءَ جو فيصلو عدالت ۾ چئلينج

ڪراچي : پي ٽي اي طرفان ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تقريبن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ٽڪ ٽاڪ ايپليڪيشن استعمال ڪندا آهن ۽ ان تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو ايپ جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري انهن جي آءِ ڊيز کي بلاڪ ڪيو وڃي.
درخواست گذار موجب سڀني جا اڪائونٽ بند ڪرڻ ٺيڪ ناهي، ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي ۽ ان جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تي ٿيندي.
واضح رهي ته پي ٽي اي غير قانوني ۽ غير اخلاقي مواد کي روڪڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔