موٽروي زيادتي ڪيس، جوابدار عابد عدالت ۾ پيش ، عدالت جوابدار عابد کي 14 ڏينهن جي لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو

لاهور؛ موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت جوابدار عابد کي 14 ڏينهن جي لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد ملهي جاچ دوران اهم انڪشاف پڻ ڪيا آهن، عابد سي آءِ اي لاهور ۾ جاچ دوران ٻڌايو ته هو هڪ مهيني تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مختلف شهرن ۾ گهمندو رهيو، ذريعن موجب مرڪزي جوابدار عابد ملهي چيو ته، آئون شفقت ۽ بالا مستري 9 سيپٽمبر تي واردات جي ارادي سان ڪورول ڳوٺ مان نڪتاسين، بالا مستري رستي ۾ واپس هليو ويو، جڏهن ته آئون ۽ شفقت ڪورول جهنگ جي طرف وياسين، جتي اسان ٻن ٽن ٽريڪٽر ٽرالي وارن کي ڦريو، عابد ٻڌايو ته موٽر وي تي گاڏي جا انڊيڪيٽرز ٻري رهيا هئا، اُتي پهتاسين ته عورت کي ڏسي گاڏي مان نڪرڻ جو چيو، جڏهن ته عورت جي انڪار تي گاڏي جا ششيشا ٽوڙيا ۽ ان کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو، جوابدار اعتراف ڪيو ته عورت کان واچ، زيور ۽ رقم ڦرڻ بعد ان کي موٽر وي کان هيٺ وڃڻ جو چيو ۽ جڏهن انڪار ڪيو ته ٻارن کي هيٺ وٺي وياسين، عورت ٻارن کي بچائڻ لاءِ آئي ته ان کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. عابد انڪشاف ڪيو ته واقعي جي ڪجهه دير بعد ڊولفن اهلڪارن اچي فائرنگ ڪئي ته اسان فرار ٿي وياسين، مان ننڪانه ۽ جڏهن ته شفقت ديپالپور هليو ويو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جاوبدار عابد کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔