استاد نصرت فتح علي خان جي 72 هين سالگره

ڪراچي: قوالي ۽ غزل جي ڳائيڪي ۾ ليجنڊ استاد نصرت فتح علي خان جي 72 هين سالگره جي موقعي تي سندس مداح کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

استاد نصرت فتح علي خان عظيم پاڪستاني قوال، موسيقار ۽ گلوڪار هو. هو فيصل آباد ۾ قوالي سان تعلق رکندڙ گهراڻي پيدا ٿيو.

نصرت فتح علي خان جو والد فتح علي خان ۽ وڏو چاچو مبارڪ علي خان پنهنجي  وقت جا مشهور قوال هئا .

نصرت فتح علي خان عالمي شهرت رکندو هو ،ڀارت ۾ گلوڪاري جي شعبي سان واڳيل وڏا وڏا نالا جاويد اختر، لتا منگيشڪر ۽ ٻيا استاد نصرت فتح علي خان جا مداح هئا .

قوالي  جي ليجينڊ نصرت فتح علي خان پنهنجي سڄي عمر قوالي جي فن کي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ پوري ڪئي .

نصرت فتح علي خان صوفين جي پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو ۽ ان ئي بنياد تي کيس تمام گهڻي شهرت به ملي .

نصرت فتح علي خان ڪلاسيڪل موسيقي کي هڪ نئون رنگ به ڏنو ،هن ان کي جديد ميوزڪ جي منفرد انداز ۾ ڪجه اهڙي ريت پيش ڪيو جو سندس ڳايل گيت ،غزل ۽ قواليون هر عمر جي ماڻهن ۾ مقبول ٿيون.

استاد نصرت فتح علي خان کي ڪيترائي اعزاز پڻ مليا ، 1987 ۾ پاڪستان جي سرڪار پاران کيس پرائيڊ آف پرفارمنس (حسن ڪارڪردگي جو تمغو) ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري ۽ موسيقي جي دنيا ۾ ڪيل خدمتن تي کيس نگار ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

استاد نصرت فتح علي خان جي قوالي ”دم مست قلندر مست مست“ کي عالمي شهرت حاصل آهي جڏهن ته ”غم هي يا خوشي هي تو“ ، ڪسي دا يار نه بڇڙِي“ ، ”تم اڪ گورک ڌنڌا هو “، ” يه جو هلڪا هلڪا سرور هي “ ، ”دل لگي“ ، ”الله هو ، الله هو“ ۽ ”وهي خدا هي “  سميت ڪيتريون قواليون اڄ به ماڻهن جي سماعتن کي مسحور ڪن ٿيون .

استاد نصرت فتح علي خان 49 ورهين جي عمر ۾ 13 آگسٽ 1997 تي دل جو دورو پوڻ ڪري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔