پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ ڦورن جو ٽولو ٻاهر آيو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ  موومينٽ ( پي ڊي ايم) کي 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ ريلي جي اجازت ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام پاڻ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو ته اپوزيشن ڪيتري مضبوط آهي.

هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب اپوزيشن جي حڪومت مخالف تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل خاص ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم لاڳاپيل اٿارٽيز کي جلسي جي اجازت ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اپوزيشن کي جلسي جي اجازت ڏيڻ گهرجي ڇو ته ان سان اپوزيشن پاڻ ئي بي نقاب ٿي ويندي .

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان گڏيل اپوزيشن کي ڦورن جو ٽولو قرار ڏنو آهي ،جنهن پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ حڪومت مخالف مهم شروع ڪئي آهي ۽ عوام اپوزيشن جي طاقت جو مظاهرو پاڻ ڏسي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔