سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : وزيراعظم کي هڪ سياسي جماعت جي وِنگ جي تقريب ۾ شرڪت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ جو هوندو آهي، هو پاڻ کي ڪنهن سياسي جماعت جي وِنگ سان نٿو ڳنڍي سگهي، هي معاملو پاڻ مرادو نوٽيس لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي رهيا آهيون، وزيراعظم رياستي وسيلن جو غلط استعمال ڇو ڪري رهيو آهي؟، هي معاملو آئين جي تشريح ۽ بُنيادي حقن جو آهي، سپريم ڪورٽ معاملي تي 5 رڪني بئنچ جوڙڻ لاءِ عدالتي حڪمنامو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان کي ڪنوينشن سينٽر ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو، اٽارني جنرل آف پاڪستان کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري، عدالت اي جي پنجاب، ڪنوينشن سينٽر انچارج ۽ لاڳاپيل وزارتن کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔