مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ موجوده حڪومت جي پُراڻي عادت آهي: خورشيد شاهه

سکر: مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ موجوده حڪومت جي پُراڻي عادت آهي، بشير ميمڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اُن کي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وڃڻ سبب عوام جون متيون مُنجهي ويون آهن، اهڙي صورتحال ۾ اپوزيشن جماعتن جو ڪم عوام جي ترجماني ڪرڻ آهي، موجوده حڪومت ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري مودي کي فائدو ڏنو ويو، هاڻي ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو سياستدان ناهي بچيو، جيڪو غدار نه هجي، ملڪ ۾ اهڙي روايت پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي آهي جو سڀني کي غدار قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔