سپريم ڪورٽ پاران ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، عدالت طرفان 2 مفرور جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان جوابدارن کي ٽريس ڪيو آهي، گرفتاري لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته عرصي کان ڪيس هلي رهيو آهي ۽ هر ڀيري وڌيڪ وقت طلب ڪيو ويندو آهي، لڳي ٿو 2 مفرور جوابدار رياست کان وڌيڪ طاقتور آهن، عدالت ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته پوليس جا وڏا آفيسر آفيسن کان ٻاهر نڪرن ئي نٿا، ڊي آءِ جي حيدرآباد سان مخاطب ٿيندي سپريم ڪورٽ چيو ته ڊي آءِ جي صاحب، اوهان واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو آهي؟، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔