فوج خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ سازش ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن: شيخ رشيد

لاهور: فوج خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ سازش ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، ڪورونا وڌي سگهي ٿو ۽دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ملڪ کي عدم استحڪام ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جمهوريت سان گڏ بيٺل آهي، مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪابه سياست نه آهي، پيپلز پارٽي استعيفيٰ ڏني ته اڳئين ڀيري سنڌ به کين نه ملندي، مولانا فضل الرحمان مذهبي ڪارڊ کيڏي رهيو آهي، اُن جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، مولانا فضل الرحمان جي پُٽ سان منهنجي ڊگهي ڪچهري ٿي، سندس پُٽ کي سياڻو سمجهان ٿو، عالمي ايجنڊا تي هلندڙ اهو وساري ڇڏين ته فوج سُتل آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم کي غداري ڪيس جي خبر ئي نه هئي، پوليس جاچ ڪري رهي آهي، جيڪو غداري ۾ ملوث نه هوندو، اُن کي ڇڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔