ظالم حڪمرانن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آهيون :بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق سنڌ سان زيادتيون وڌائي ڇڏيون آهن، ظالم حڪمرانن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آهيون، وڪيلن جو ساٿ گهرجي، پ پ چيئرمين ڪراچي بار لائيرز ڪلب جو افتتاح ڪيو، ڪراچي بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده نظام جو خاتمو ضروري بڻجي ويو آهي، جيستائين پارليمينٽ رٻڙ اسٽيمپ رهندي، حق نه ملندا، وفاق سنڌ سان زيادتيون وڌائي ڇڏيون آهن، وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ جائز حصو نه ڏنو، پ پ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪون هلايون، پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عوام کي ظالم حڪومت مان نجات ڏيارڻ لاءِ نڪتا آهيون، هن تحريڪ ۾ وڪيلن جو ساٿ ۽ سهڪار گهرجي، اسان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان تحريڪ هلايون پيا، پيپلز پارٽي اڄ به غير جمهوري قوتن آڏو بيٺل آهي، گرفتاريون پيپلز پارٽيءَ لاءِ نئين ڳالهه ناهن، ٻئي پاسي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لايرز فورم جي تقريب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي شرڪت، وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ به ساڻس گڏ موجود، سٽي ڪورٽ ٻاهران وڪيلن طرفان بلاول ڀٽو جي گُلن جي ورکا سان آجيان، جيئي ڀٽو، جيئي ڀٽو جا نعرا، بلاول ڀٽو جي آمد جي موقعي تي وڪيل برادري طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف مظاهرو، ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ بيٽ وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو، پيپلز لايرز فورم جي اڳواڻن وڪيلن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔