پنجاب ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس سامهون اچي ويا

لاهور: پنجاب جي شهر ڊيره غازي خان ۽ وهاڙي ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي ترجمان موجب نوان پوليو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ پنجاب ۾ پوليو ڪيسن جو انگ ٻارنهن ٿي ويو آهي.پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي ترجمان چيو آهي ته ڊيره غازي خان کان متاثر ٻار جي عمر 22 مهينا آهي جڏهن ته وهاڙي ۾ متاثره ٻار جي عمر 89 مهينا آهي.هن جو چوڻ هو ته وهاڙي ۾ ٻارڙي جي کاٻي ٽنگ پوليو سبب متاثر ٿي آهي جڏهن ته ڊيره غازي خان ۾ ٻار جي ساڄي ٽنگ پوليو سبب متاثر ٿي آهي. ٻنهي ٻارن جو تعلق غريب گهراڻي سان آهي. نوان پوليو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ پنجاب ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.جڏهن ته پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 77 ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ پنج ڏينهن واري پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات ڪئي وئي ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔