ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا سنجي دت جي نئين تصوير مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪار سنجي دت جي نئين تصوير مداحن کي ان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ سنجو بابا جي نالي سان مشهور اداڪار سنجي دت ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کان پوءِ ان جو علاج جاري آهي. سنجي دت جي ممبئي ۾ ڪيموٿراپي ٿي هئي جنهن کان پوءِ هو ٻارن سان ملڻ دبئي هليو ويو هو پر هاڻ ٻيون ڀيرو ڪيموٿراپي جي لاءِ ممبئي واپس آيو آهي.سنجو بابا جي هڪ عورت مداح سان ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. ان جي نئين تصوير مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو تمام گهڻو ڪمزور نظر اچي رهيو آهي. تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مداحن ان جي جلد صحتيابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔