جاڙيون هجڻ سبب ايمن جا ڪيترائي ڪم مان پاڻ مڪمل ڪري ڇڏيندي آهيان: منال خان

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل منال خان چيو آهي ته جاڙيون هجڻ سبب پنهنجي ڀيڻ ايمن خان جا ڪيترائي پراجيڪٽس مان پاڻ ئي مڪمل ڪري ڇڏيندي آهيان.انٽرويو جي دوران ايمن خان کان هڪ جهڙائي جي حوالي سان پڇيل سوال تي منال خان چيو ته ايمن مون کان وڌيڪ سٺو ۽ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. اسان هڪ ٻئي کان هميشه خوش هوندا آهيون. اسان کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان ساڙ ناهي ٿيندي. اسان پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ ڀائرن جي لاءِ جيڪو به ڪيو اهو ملي ئي ڪيو آهي. ڀيڻ کان ڌار نظر اچڻ جي لاءِ والدين طرفان ڌار ڌار ڪپڙا سبرايا ويا.منال خان چيو ته ننڍپڻ ۾ ائين ٿيندو هو ته اسان جا ڌار ڌار ڪپڙا تيار ڪرايا ويندا هئا. اڃان به ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي پر هاڻ اسان گهڻو ڪري هڪ ٻئي جون شيون استعمال ڪنديون آهيون. ننڍپڻ ۾ ائين ٿيندو هو ته اسڪول ۾ شرارت ايمن ڪئي ۽ دڙڪا مون کي ملندا هئا. ننڍپڻ ۾ اسان ٻنهي ۾ ڪافي هڪ جهڙائي هوندي هئي. ڪمرشل جي شوٽنگ دوران ٿڪجي وڃڻ تي اڌ ڪمرشل ۾ مان ته اڌ ايمن شوٽ ڪرائيندي هئي.هاڻ به جيڪڏهن ايمن نه هوندي آهي ته ان جو وائس اوور مان ڪري وٺندي آهيان. منال خان ٻڌايو ته مان ۽ ايمن خان جاڙيون آهن. اهڙي طرح منهنجا 2 ڀائر به جاڙا آهن. اسان جي پرورش ۾ ڦڦين، ناني ۽ امڙ جي تمام گهڻي مدد آهي. ايمن ۽ مون ۾ 28 منٽن جو فرق آهي پر پوءِ به هو وڏي آهي ان جي فيصلن ۽ والدين سان تعلق جي ڪري مون کي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو آهي ته هو مون کان وڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔