طب جو نوبل انعام هيپاٽائٽس سي جي ٽن محقنن جي نانءُ

اسٽاڪ هوم :هن سال طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي محققن هاروي آلٽر ۽ چارلس رائس سميت ان جي برطانوي ساٿي مائيڪل هائوٽن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسٽاڪ هوم ۾ نوبل ڪميٽي اعلان ڪيو ته انهن محقنن کي اهو اعزاز هيپاٽائٽس سي وائرس جي دريافت تي ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري هيپاٽائٽس سي جو علاج ممڪن ٿيو.
طب جي ان اعليٰ ترين ايوارڊ سان گڏوگڏ 10 ملين سويڊس ڪروني جي رقم انعام طور به ڏني ويندي آهي، جيڪا تقريبن 9 لک 50 هزار يورو جي برابر ٿئي ٿي.
اڱاري ۽ اربع تي فزڪس ۽ ڪيمسٽري، خميس تي لٽريچر لاءِ ۽ جمعي تي نوبل امن انعام کٽيندڙ جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔