ناليواري سماجي ڪارڪن ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندر بينش عرفان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي ليگل ايڊوائزر مقرر

ڪراچي: سومر 5 آڪٽوبر 2020 تي ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي سائنس ، ٽيڪنالوجي ۽ انفارميشن  کاتي پاران  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بينش عرفان زال عرفان الله خان کي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو سائنس ٽيڪنالوجي اينڊ انفارميشن کاتي جو ليگل ايڊوائزر مقرر ڪيو ويو آهي .

بينش عرفان هڪ ناليواري سماجي ڪارڪن آهي جيڪا تعليم ، صحت ۽ عورتن جي حقن لاءِ پنهنجون خدمتون انجام ڏيڻ جي حوالي سان سڃاڻ رکي ٿي.

بينش وومين ڪنسرن آرگنائيزيشن جي سي اي او به آهي ،جيڪا پاڪستان جي اترين علائقن ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. عوام جو چوڻ آهي ته سندس مقرري حڪومت جو هڪ بهترين فيصلو آهي ، جنهن سان ان اداري کي وڌيڪ ترقي ملندي ۽ اهو اڳتي بهتر انداز ۾ هلي سگهندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔