غداري جا ڪيس اسان جي لاءِ ميڊلز آهن، حڪومت پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏي ورتو: عظميٰ بخاري

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته غداري جا ڪيس اسان جي لاءِ ميڊلز آهن حڪومت پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏي ورتو هاڻ اسان جو نمبر آهي.

صحافين سان ڳالهين دوران عظميٰ بخاري چيو ته اسان کي عمران خان کان حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي. عظميٰ بخاري چيو ته اسان مٿان الزام آهي ته اسان چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون. ان جي خلاف ڪيس ڇو نه داخل ڪيو ويو جنهن سول نافرماني جو حڪم ڏنو. هن چيو ته اڃان ته اسان جي تحريڪ جي باقاعده شروعات به ناهي ٿي ته حڪومت جون رڙيون شروع ٿي ويون آهن.

(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته حڪمران پنهنجي گهرن مان نڪرن ۽ مهانگائي جي ماريل عوام جي خبرچار وٺن. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عطاءُالله تارڙ چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي نيب وٽ گرفتاري دوران بنيادي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن.

هن چيو ته اثاثن واري ڪيس ۾ هڪ ٽڪي جي  به ڪرپشن نه آهي. (ن) ليگي اڳواڻن مٿان نيب جي ذريعي دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي سمورن ڪردارن کان واقف آهيون. شهباز گل آمريڪا  کان پگهار وٺي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔