چين جي مشهور ٽڪ ٽاڪر کي لائيو اسٽريمنگ دوران اڳوڻي مڙس پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

بيجنگ: چين جي مشهور عورت وي لاگر کي ان جي اڳوڻي مڙس ان وقت پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جڏهن هو سوشل ميڊيا تي لائيو اسٽريمنگ ڪري رهي هئي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چين جي صوبي سيچوان ۾ 30 ساله ٽڪ ٽاڪ اسٽار لامو 14 سيپٽمبر تي لائيو اسٽريمنگ ڪري رهي هئي ته ان جي اڳوڻي مڙس پهريان سندس مٿان چاقو جا وار ڪيا ۽ پوءِ پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي.عورت جي ٽڪ ٽاڪ تي 8 لک 85 هزار فالوورز هئا. ٽڪ ٽاڪ اسٽار جو جسم 90 سيڪڙو تائين سڙي ويو هو کيس اسپتال آندو ويو جتي هو ٻه هفتا علاج هيٺ رهڻ کان پوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيو.جڏهن ته سندس اڳوڻو مڙس اڃان تائين مفرور آهي. عورت ٽڪ ٽاڪ اسٽار گهريلو تشدد سبب ڪجهه مهينا اڳ ئي مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي هئي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار جا 2 پٽ هئا.طلاق کان پوءِ عدالت جي حڪم تي هڪ پٽ ماءُ ۽ هڪ پيءُ سان گڏ رهي رهيو آهي. پر مڙس ٻيهر شادي جي لاءِ ڊيڄاريندو ۽ ڏمڪيون ڏيندو رهندو. هو ۽ انڪار جي صورت ۾ پاڻ وٽ موجود پٽ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔