عثمان وزير انڊونيشين مخالف کي شڪست ڏئي ايشين باڪسنگ ٽائٽل کٽي ورتو

اسلام آباد: پاڪستان جي باڪسنگ اسٽار عثمان وزير انڊونيشين مخالف بوريا بلڊوز کي شڪست ڏئي ايشين ٽائٽل کٽي ورتو آهي.عامر باڪسنگ جمنازيم ۾ جاري ٽن ڏهاڙن واري مقابلي جي پهرين ڏينهن پاڪستاني باڪسر ڇائنجي ويا. گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ عثمان وزير جي زوردار ٺونشن کي بويا بلڊوزر منهن نه ڏئي سگهيو هو 10 رائونڊز جي مقابلي ۾ چوٿين رائونڊ ۾ ئي ڍير ٿي ويو.نادر خان فيدر ويٽ ڪيٽيگري ۾ افغان مخالف کي شڪست ڏني. آصف هزاده به افغانستان جي حاسين الله جي خلاف ڪامياب قرار ڏنو ويو. ڪامران وهاب هم وطن محمد زمان جي خلاف فتح ماڻي. بلال محمود افغاني مخالف امين الحق کي شڪست ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔