منال خان پاران فوٽو شوٽ واري وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سخت تنقيد

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره منال خان فوٽو شوٽ جي دوران هڪ وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.منال خان جو شمار پاڪستان شوبز انڊسٽري جي نه صرف مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي پر هو سوشل ميڊيا تي به ڪافي سرگرم رهندي آهي. هن وقت منال خان جا 2 ڊراما جلن ۽ نند ڪافي پسند ڪيا پيا وڃن ۽ ڏسندڙ سندس اداڪاري جي به تمام گهڻي تعريف ڪري رهيا آهن. پر هاڻ تازو ئي هڪ فوٽو شوٽ جي سيٽ مان سندس هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ سندس ليٽڻ وارو انداز مداحن کي پسند نه آيو جنهن کان پوءِ سندس مٿان سخت تنقيد شروع ڪئي وئي آهي.وڊيو ۾ منال خان ۽ ماڊل حسن لهري جي ڪنهن برانڊ جي فوٽو شوٽ جي لاءِ موجود آهن ۽ منال خان سيٽ تي ليٽيل آهي مداح سندس ليٽڻ جي ان انداز تي ڪافي تنقيد ڪري رهيا آهن ڪجهه ماڻهن ته کيس فوٽوشوٽ جي سيٽ تي مردن جي موجودگي ۾ وڏي آرام سان ليٽڻ تي گهٽ وڌ ڳالهايو ته ڪنهن پاڪستاني فلم انڊسٽري بالي ووڊ طرف وڃي رهي آهي.هن چيو ته هڪ صارف منال خان کي شرم ياد ڏياريو. جڏهن ته هڪ صاف چيو ته ان جا والدين پنهنجي ڌيئرن کي ائين ڏسي افسوس ناهن ڪندا. منال خان جي هڪ مداح کيس اهڙي انداز ۾ ڏسي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کان اهڙي اميد نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔