آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن تي پارڪ لين ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنسز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. احتساب عدالت ۾ پارڪ لين ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنسز تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ آصف زرداري پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ پيش ٿيو، ريفرنسز جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ڪئي، اڳوڻي صدر سميت ٻين جوابدارن جي حاضري لڳائي وئي، گذريل ٻڌڻي تي غير حاضر رهندڙ جوابدار شير علي به عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن کي پارڪ لين ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس جي چارج شيٽ ڏيڻ سان گڏو گڏ جوابدرن کي فرد جرم جون ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون. احتساب عدالت پاران آصف علي زرداري سميت پارڪ لين ريفرنس ۾ 19 ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ ڪُل 15 جوابدارن جي فردم جرم لاڳو ڪيو ويو. آصف علي زرداري پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ نيب کي 20 آڪٽوبر ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ 21 آڪٽوبر تي شاهدن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. واضح رهي ته هن کان اڳ 28 سيپٽمبر تي احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر تي فردم جرم لاڳو ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔